ڄامشورو: ڄامشورو جي مهراڻ هائوسنگ سوسائٽي ۾ بلدياتي اليڪشن لاءِ اميدوارن جي چونڊ جي سلسلي ۾ ڄامشورو اتحاد جي گڏجاڻي سيد جلال محمود شاهه جي صدارت هيٺ ٿي گذري. گڏجاڻي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر شورو، ملڪ چنگيز خان، سردار ڪانڀو خان برهماڻي، حافظ بخشل سهيڙو، شيخ عبدالله ڪوهستاني، خالد ڏيٿو، اعجاز برفت ۽ آصف ڪوريجو سوڌو ميونسپل ڪميٽي ٻولهاڙي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سيد جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر سڪندر شورو، ملڪ چنگيز خان ۽ سردار ڪانڀو خان برهماڻي جو چوڻ هو ته تعلقي ڪوٽڙي، مانجهند ۽ ميونسپل ڪميٽي ٻولهاڙي ۾ اميدوار بيهارڻ لاءِ گڏجاڻين جو سلسلو جاري آهي، هن گڏجاڻي ۾ ميونسپل ڪميٽي ٻولهاڙي جي 12 وارڊن تي پنهنجا اميدوار بيهارڻ لاءِ ڄامشورو اتحاد جي اڳواڻن ۽ ورڪرن کان راءِ ورتي وئي ۽ وارڊن جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو، اتفاق ٿيو آهي ته هر ٽائون، يوسي ۽ وارڊ تي گڏيل طور اميدوار بيهاريا ويندا، مخالفن سان ڀرپور مقابلو ڪري کين شڪست ڏينداسين. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ضلعي ڄامشوري جي ماڻهن جي حق لاءِ ويڙهه وڙهي رهيا آهيون، حقن واري ويڙهه ۾ ٻولهاڙي واسين جو وڏو ڪردار هوندو، ڇاڪاڻ ته کين پاڻي سوڌو بنيادي سهولتن کان محروم رکيو ويو آهي، ڄامشورو ضلعي ۾ هڪ سازش تحت تعليمي نظام کي تباهه ڪيو ويو آهي، ڪوهستاني پٽي وارن علائقن جي حالت انتهائي خراب آهي، جتي تعليم طرف ڪو ڌيان نه ڏنو ويو آهي، صحت جا نظام به اڻپورا آهن، هاڻي به صحيح اميدوار نه چونڊيا ويا ته عوام کي ويتر عذاب ڀوڳڻو پوندو. هنن چيو ته ٻولهاڙي ميونسپل ڪميٽي جي رهواسين کي پيئڻ، صحت، تعليم، ڊرينيج سسٽم ۽ روڊ رستن کان محروم رکيو ويو آهي، ٽينڪر مافيا کي هٿي ڏني وئي آهي، جيڪا نه ٿي چاهي ته اتان جي رهواسين کي گهرن تائين واٽر سپلاءِ ذريعي پاڻي پهچي، هتي چيئرمين يا ڪائونسلر جيڪي چونڊيا ويا انهن رڳو پنهنجا گهر ڀريا آهن ۽ عوام جو پئسو بنگلن تي استعمال ڪيو آهي، گذريل 40 سالن کان ڄامشورو ضلعي جي عوام ڀوڳيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close