سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ 6 ارب ڊالرن جي لاڳت سان صوبي ۾ سيڙپڪاري جا امڪاني منصوبا تجويز هيٺ آهن، جن ۾ پاڻي ۽ ماحوليات، تعليم ۽ ٽيڪنالاجي، صنعتي زونز، ماحولياتي سياحت، شهري ماحولياتي نظام، خوراڪ جي حفاظت ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ته جامع قانوني ۽ ادارتي مڪينزم سان سازگار ماحول ذريعي سنڌ ۾ وڏي انگ ۾ سيڙپڪاري منصفاڻي عمل، شفافيت ۽ بهترين معاشي فائدن کي يقيني بڻائي ٿي. اها ڳالهه هن سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ پاٿ فائنڊر ۽ مارٽن ڊائو گروپ پاران ڪوٺايل ورلڊ اڪنامڪ فورم جي موقعي تي سنڌ سيڙپڪاري ڪانفرنس ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي وڏي وزير جو خاص مددگار سيد قاسم نويد ۽ ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ يونٽ اسد ضامن پڻ موجود هئا. سيڙپڪاري ڪانفرنس، ڊيووس ۾Schatzalp ۾ منعقد ڪئي وئي ۽ وڏي انگ ۾ مهمانن، سيڙپڪارن ۽ سينئر بينڪرز جو ڌيان ڇڪرايو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سنڌ گذريل ڪجهه سالن ۾ صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي سان گڏوگڏ انفرااسٽرڪچر ۽ مواصلات جهڙن سماجي شعبن ۾ نمايان ترقي ڪئي آهي. سيد مراد علي شاهه ٿر ڪول پروجيڪٽ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ حڪومت جي لڳاتار ڪوششن تي زور ڀريو جيڪو نه رڳو سنڌ پر سڄي ملڪ لاءِ توانائي جي پيداوار جو اهم ذريعو هوندو. هن وڌيڪ چيو ته گڏيل ڪوششن سان سنڌ حڪومت جو Easy of doing business پروٽوڪول آهي، جيڪو ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري کي آسان بڻائي ٿو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٿرڪول منصوبي جي پڄاڻي لاءِ اسان تمام گهڻي محنت ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته ٿرڪول مان پيدا ٿيندڙ توانائي نه رڳو سنڌ پر سڄي ملڪ جي ترقي جي ضامن آهي. وڏي وزير فورم کي سنڌ جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سسٽم جي ڪاميابين کان آگاهه ڪيو، جنهن کي نه رڳو سيڙپڪارن پر سمورن اسٽيڪ هولڊرز جهڙوڪ بئنڪن، ملٽي ليٽرل ادارن ۽ معروف بين الاقوامي پبليڪيشن جهڙوڪ اڪانومسٽ ميگزين پڻ ساراهيو. سيد مراد علي شاهه شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ سيڙپڪاري جا وڏا موقعا آهن جيڪي منصفاڻي عمل، شفافيت ۽ معاشي فائدن کي يقيني بڻائڻ لا قانوني ۽ ادارتي مڪينزم سان جڙيل آهي. سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته امڪاني منصوبن ۾ پاڻي ۽ ماحوليات، تعليم ۽ ٽيڪنالاجي، صنعتي زونز، ماحولياتي سياحت، شهري ماحولياتي نظام ۽ فوڊ سيڪيورٽي جهڙن شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهجي ٿي، جنهن جي لاڳت 6 ارب ڊالر تائين آهي. تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي پرڏيهي ۽ ملڪي سيڙپڪاري جي شعبن سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي ماڻهن سنڌ حڪومت جي ويزن ۽ منصوبن جي واکاڻ ڪئي ۽ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. تقريب جي شروعات ۾ اڪرام سهگل سنڌ جي وڏي وزير جي اڳواڻي ۾ آيل وفد جو تعارف ڪرايو، انکان پوءِ قاسم نويد قمر شرڪت ڪندڙن کي سنڌ حڪومت جي ويزن ۽ انويسٽمينٽ ڊپارٽمينٽ تحت صوبي ۾ سيڙپڪاري جا موقعا وڌائڻ جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. هن مختلف شعبن جهڙوڪ تعليم، سياحت، زراعت ۽ صنعتي زون جي ترقي ۾ امڪاني سيڙپڪارن لاءِ موجود ڪيترن ئي موقعن کي اجاڳر ڪيو. ان کان اڳ سيڙپڪاري کاتي پاران سنڌ جي ثقافت ۽ صوبي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ حڪومتي ڪوششن تي ٻڌل هڪ دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي. ڊاڪيومينٽري کانپوءِ سنڌ حڪومت جي ايندڙ منصوبن بابت تفصيلي پريزنٽينشن پڻ ڏني وئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close