اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آئي جو حڪومت ۽ ادارن سان رابطو،فيس سيونگ گهرڻ جو انڪشاف

اسلام آباد:حڪومتي ذريعن گذريل ٻن ڏينهن ۾ پي ٽي آئي اڳواڻن جي حڪومت ۽ ادارن سان رابطن جو انڪشاف ڪيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جا اڳواڻ حڪومت ۽ ادارن کان ٻن ڏينهن کان رابطي ۾ هئا ۽ فيس سيونگ گهري رهيا هئا. حڪومتي ذريعن دعويٰ ڪئي ته پي ٽي آئي اڳواڻن رابطن ۾ وچون رستون ڪڍڻ ۽ فيس سيونگ جي درخواست ڪئي. ذريعن مطابق اسد قيصر وفاقي وزير اياز صادق سان رابطو ڪيو ۽ ڳالهين جي درخواست ڪئي. حڪومتي ذريعن مطابق پي ٽي آئي اڳواڻن درخواست ڪئي ته حڪومت طرفان چونڊن لاءِ 7، 8 مهينن کان پوءِ ئي تاريخ ڏني وڃي. ذريعن مطابق (ن) ليگ پي ٽي آئي سان ڳالهين جو معاملو پارٽي اڳواڻ نوازشريف جي سامهون رکيو ته ان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. حڪومتي ذريعن مطابق (ن) ليگي قيادت جي انڪار کان پوءِ پي ٽي آئي جي ٽن اڳواڻن ان حوالي سان ادارن سان رابطو ڪيو. ذريعن مطابق پي ٽي آئي اڳواڻن ادارن سان ملڪ احمد خان ۽ احسن اقبال جي ذريعي ڳالهه ٻولهه جي درخواست ڪئي. ذريعن مطابق پي ٽي آئي ادارن سان حڪومت سان ڳالهيون ڪري ان صورتحال کان محفوظ رستو گهريو. ذريعن مطابق حڪومت هڪ دفعو ٻيهر پي ٽي آئي کي محفوظ رستو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ تجويز ڏني ته عمران خان پاڻ ڳالهين جي خواهش جو اعلان ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button