پاڪستانسنڌ

اڳوڻي ايم پي اي محمد شاهه زمين تي قبضو ڪيو آهي: سيتا واسي

دادو: دادو ۾ سيتا جي رهواسين امام علي ڀرٽ، رفيق ڀرٽ، مظفر هيسباڻي ۽ مبشر هيسباڻي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي سيد محمد شاهه سيتا ۾ 160 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪرائي هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن ۽ پوليس پڪٽ قائم ڪري قبضو ڪندڙن کي قانوني تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي، اسان کي زمين تي وڃڻ نه ٿو ڏنو وڃي. هنن چيو ته پوليس اڳوڻي ايم پي اي جي ڪمدار بڻيل آهي، جنهن سبب اسان کي زمين ۾ بيٺل ڪڻڪ جو لکين رپين جو فصل لڻڻ نٿو ڏنو وڃي، ڪڻڪ ضايع ٿي رهي آهي، اسان جو لکين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي. هنن آ جي سنڌ، ڊي آ جي حيدرآباد ۽ پيپلز پارٽي قيادت کان مطالبو ڪيو ته سندن 160 ايڪڙ زمين تان اڳوڻي ايم پي اي سيد محمد شاهه جو قبضو ختم ڪرائي هٿياربندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button