ڍورو نارو: ڍورونارو ويجھو ڳوٺ ميان پير محمد ولھاري ۾ مسڪين پورھيت تي قاتلاڻي حملي ۽ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف زخمي جي وارثن معصوم ٻارڙن، عورتن ۽ مردن احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي عورتن چيو ته صدام راڄڙ ۽ سندس ڀا فداحسین راڄڙ اسان جي پورھيت ساجن ڪولھي تي قاتلاڻو حملو ڪري کيس سخت زخمي ڪيو، اسان جو ڪيس داخل ٿيڻ هجڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ٿي سگھيا آهن. ھنن وڌيڪ چيو ته اسان سان ظلم آهي، راڄڙ ڌر جي ماڻهن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close