مدئجي مان موٽرسائيڪل ۽ ٻيو ڦريل سامان واپس نه ٿيڻ تي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مدئجي ويجهو بهمڻ پلاٽ اسٽاپ وٽ نوجوانن کان ڦر ڪيل موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان واپس نه ڪرائڻ تي پوليس خلاف اعظم ڪمانڊو پنهور، سجاد، نعمان، شفيق پنهور، مشتاق ڪاڪيپوٽو ۽ ٻين پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن دانهيندي چيو ته پنج ڏينهن اڳ اسان جي نوجوان نعمان پنهور کان ڦورو موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان ڦري ويا، جنهن جي مدئجي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي مدئجي پوليس ٻن ڏينهن اندر موٽرسائيڪل واپس ڪرائڻ جو واعدو ڪيو اڄ پنج ڏينهن گذري ويا پر پوليس جوابدارن خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي آهي. هنن ڊي آ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ڦر ٿيل موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي ايس ايڇ او کي هٽايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close