ميرو خان جي ڀٽي پاڙي جي رهواسي ٽائون آفيس جي ملازم ۽ سندس گھرواري پرائمري استاد جي 14 ورهين جي پٽ مٿان پنهنجي 5 ورهين جي نياڻي سان زيادتي جو الزام لڳايو. ٽائون ملازم ميروخان ٿاڻي تي پهچي اين سي داخل ڪرائي ميڊيڪل ليٽر وٺي ڇڏيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ٽائون آفيس ملازم چيو ته معصوم نياڻي مسجد ڏانهن قرآن پاڪ پڙهڻ لا وڃي رهي هئي ته پرائمري استاد جي 14 ورهين جي پٽ کيس زوري جهلي خالي پيل جڳهه تي کڻي وڃي زيادتي ڪئي. جنهن بعد نياڻي گهر آئي ته سندس ڪپڙن تي رت ۽ سندس حالت خراب هئي. هنن مطالبو ڪيو ته اسان غريب ۽ بي پهچ ماڻهو آهيون، اسان جي معصوم نياڻي سان ظلم ٿيو آهي، جوابدار کي عبرتناڪ سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي. ٻي طرف ايس ايڇ او ميرو خان واحد بخش لاشاري ٻڌايو ته معصوم نياڻي جي پيءُ جي فرياد تي اين سي داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي ۽ ٻارڙي جي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ ليٽر ڏنو آهي، جنهن جي رپورٽ اچڻ بعد خبر پوندي ته ٻارڙي سان زيادتي ٿيل آهي يا ناهي. هن چيو ته فريادي ۽ جوابدار جي پي وچ ۾ هڪ سال کان تڪرار هلندڙ آهي، تنهن ڪري ميڊيڪل رپورٽ اچڻ کان اڳ زيادتي جي تصديق نٿا ڪري سگهون. ٻئي طرف الزام هيٺ آيل نينگر جو چوڻ هو ته زيادتي جو الزام ڪوڙو آهي. هن چيو ته منهنجي طبيعت خراب آهي، جنهن ڪري گهران ناهيان نڪرندو، مون تي الزام هڻي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن اپيل ڪئي ته مون تي لڳل الزام جي قرآن پاڪ تي جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close