سنڌ

عمران جلسن ذريعي ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ چاھي ٿو:راشد محمود سومرو

جمعيت علماءِ اسلام صوبي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد خالد محمود سومرو بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان وڏي پيماني تي عوامي رابطا مهم شروع ڪري لاڙڪاڻي شهر جي مختلف علائقن جا دورا ڪيا. ان موقعي تي عوامي رابطا مهم سان خطاب ڪندي چيو ته بلدياتي اليڪشن ۾ تمام سيٽن تي اميدوار بيھارينداسين. هن چيو ته نيازي سرڪار جو دور پاڪستان جي تاريخ جو بدترين دور ھيو، اڳوڻي حڪومت سياسي و معاشي نظام برباد ڪري ڇڏيو، نيازي سرڪار عوام کي مايوس ڪيو ۽ دوکو ڏنو، عمران جلسن جي ذريعي ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ چاھي ٿو، فسادي ۽ شرپسند ٽولي جي شر کان عوام کي محفوظ رکڻ حڪمرانن جي ذميداري آهي، ملڪ ڇڪتاڻ جو متحمل نٿو ٿي سگهي، ملڪ ۾ افراتفري ۽ انتشار واري سياست جي ڪا گنجائش نه آهي، ملڪ کي يھودين ۽ قاديانين جي ڪالوني بڻجڻ نه ڏينداسين، اھو خفيه قوتن جي اشاري تي ملڪ کي تباھه ڪرڻ ۽ جمھوريت کي قتل ڪرڻ چاھي ٿو، ھو پاڪستان کي لادين رياست بڻائڻ ٿو چاهي، پارلياماني سياست عمران جي وس جي ڳالهه ناھي، ھي انتشار ۽ افراتفري ڦهلائڻ چاهين ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button