رتوديرو جي عدالت ۾ واپاري جي قتل ۾ ملوث جوابدار شاعر ۽ سندس پٽ کي پيش ڪيو ويو. چار ڏينهن اڳ نئونديرو ۾ قتل ٿيل اناج جي واپاري بخشل منگي جي قتل ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد شاعر منظور منگي ۽ سندس پٽ ذوالفقار کي رتوديرو جي سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ ون جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت جوابدارن کي ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي شاعر منظور منگي چيو ته منهنجي سئوٽ ۽ سنڍو بخشل منگي جي قتل تي پ پ وارا پنهنجي سياست چمڪائي رهيا آهن. هن چيو ته مڪاني چونڊن ۾ منهنجي پٽ ذوالفقار منگي ضلعي ڪائونسل لاءِ پ پ جي اڳواڻ اعجاز لغاري سامهون فارم ڀرايو هو، جنهن جي تائيد خالد منگي ڪئي هئي پر پ پ وارن خالد منگي کي نوڪري جي لالچ ڏني ۽ هن مونکي اچي چيو هو ته مان مجبور آهيان جنهن تان اسان ۾ جھيڙو ٿي پيو هو، جنهن جي اين سي داخل ڪرائڻ لاءِ اسان نئونديرو ٿاڻي تي هئاسين جتي ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ ۽ ٻيا شهري به موجود هئا. هن چيو ته اسان ٿاڻي تي ئي ويٺا هئاسون ته منهنجن ڀائٽين کي فون آئي ته بخشل کي گوليون لڳيون آهن، جنهن بعد ايس ايڇ او اسان کي اتي ئي اندر ڪرائي ڇڏيو. هن چيو ته اسان ته ٿاڻي تي ويٺا هئاسون، اسان قتل ۾ ملوث نه آهيون هن چيو ته بخشل منگي جو قتل ڪيئن ٿيو ۽ ان ۾ ڪير ملوث آهي ان لاءِ منهنجي هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ کي اپيل آهي ته قتل ڪيس جي حوالي سان جي آءِ ٽي جوڙي وڃي ته جيئن اصل حقيقت ظاهر ٿئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close