اسلام آبادپاڪستان

آءِ ايم ايف پيٽرول مهانگو ڪرڻ جو شرط رکي ڇڏيو،ٻي قسط ڏيڻ کان انڪار

اسلام آباد : عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان تي زور ڏنو آهي ته پروگرام جي بحالي لا بجلي ۽ پيٽروليم شين تي سبسڊي ختم ڪري. آءِ ايم ايف پيٽروليم شين جا اگهه نه وڌائڻ جي صورت ۾ پاڪستان لاءِ قرض جي ايندڙ قسط جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. آءِ ايم ايف چيو ته گذريل جائزي دوران ڪيل واعدا پورا نه ڪيا ويا ۽ فيبروري ۾ سبسڊيز جو اعلان ڪيو ويو. عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان لاءِ هڪ ارب ڊالرن جي قرض جي ٻي قسط جاري ڪرڻ لا پيٽرول ۽ بجلي جا اگهه وڌائڻ جو شرط رکي ڇڏيو آهي. آءِ ايم ايف ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جا اگهه وڌائڻ بنا قسط جاري نه ٿيندي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف پاڪستان جي سمورن مطالبن سان اتفاق ڪري ورتو هو پر قسط جاري ڪرڻ ۽ پروگرام جو وقت وڌائڻ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ سان مشروط آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني وفد وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ آءِ ايم ايف کي جواب ڏيندو. ذريعن موجب آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف مشن، نيٿن پورٽر جي اڳواڻي ۾، ​​پاڪستان ۾ معاشي استحڪام ۽ پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ جي پاليسين تي 18 مئي کان 25 مئي تائين پاڪستاني عملدارن سان ورچوئل ۽ سڌي ريت ڳالهيون ڪيون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته مشن پاڪستاني آفيسرن سان “تمام گهڻو تعميري ڳالهيون” ڪيون آهن ته جيئن پاليسين ۽ سڌارن تي هڪ معاهدو ٿي سگهي ته جيئن التوا ۾ رکيل سڌارن واري پروگرام جي ستين جائزي کي ختم ڪيو وڃي، جنهن کي آءِ ايم ايف جي توسيع ٿيل فنڊ سهولت انتظامن جي مدد حاصل آهي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ پاليسي ڳالهيون دوحا ۾ ٿيون، جنهن ۾ ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي نگران گورنر به شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button