اسلام آبادپاڪستان

عمران جي ڊڪٽيشن نه هلندي،چونڊن جو فيصلو پارليامينٽ ڪندي:وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي ڳالهين جي آڇ ڪندي چيو آهي ته ڳالهين جا دَروازا کليل آهن ۽ ڪميٽي ٺاهي سگهان ٿو پر ڊڪٽيشن نه هلندي. چونڊن جو فيصلو پارليامينٽ ڪندي. ڪالهه قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ تقرير ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عمران خان غلط فهمي ۾ نه رهي، ڳالهه ٻولهه جا دَر کليل آهن پر جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته بليڪ ميل ڪندئو ته پنهنجي گهر ۾ ڊڪٽيشن ڏيو، هن ايوان کي ڊڪٽيشن نٿا ڏئي سگهو. هن چيو ته جيڪڏهن اليڪشن جي ڳالهه آهي ته پارليامينٽ ۾ ڳالهه ڪيو. هڪ صوبو وفاق تي حملو ڪري، اڄ تائين ڪڏهن ائين ٿيو؟ سياستدان ائين ناهن ڪندا، جيڪي هٿيار لاهور ۾ پڪڙيا ويا. سندس چوڻ هو ته جٿي کي اسلام آباد آڻڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي ها، سرعام چيو ويو ته هر صورت ۾ ڊي چوڪ پهچنداسين. اسان کي فتني جو رستو روڪڻو آهي يا ملڪ کي تباهه ٿيندي ڏسڻو آهي؟ وزيراعظم چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته مسئلن کي حل ڪيون، هن حڪومت جو مدو هڪ سال ٻه مهينا آهي. ڏکيائيون آهن، چئلينج آهن پر منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون، اسان پاڪستان کي عظيم بڻائڻ لاءِ ساهه ڏينداسين. هن چيو ته چونڊ ايڪٽ ۾ ترميم جو بل پاس ڪري شفاف چونڊن جي بنياد رکي وئي. ڇا ڪنهن جٿي يا پارٽي کي ڏنڊي جي زور تي اهو حق ڏئي سگهجي ٿو ته هو آئين کان بغاوت ڪري. ڇا هن ملڪ ۾ بدامني پکيڙڻ جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي؟ ڇا ڪنهن هٿياربند جٿي کي بغاوت جو موقعو ڏئي سگهجي ٿو؟ اتحادين کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڇا هي ايوان اهڙي طرح جي ڪمن جي اجازت ڏئي سگهي ٿو. تباهي جو رستو اختيار ڪرڻو آهي يا ملڪ کي ٺاهڻو آهي؟ شهباز شريف چيو ته 22 اپريل تي مون وزيراعظم جي عهدي جو حلف کنيو، ان ڏينهن اسان جي سامهون ٻه حدف هئا. هڪ شفاف چونڊون هيون، ٻيو ٻڏندڙ معيشت کي محنت ڪري ڪناري لڳائڻ. اڳوڻي حڪومت معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، اهڙين حالتن ۾ جڏهن اسان محنت ڪري رهيا آهيون ۽ معيشت کي صحيح ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته اسان کي ڀڃ ڊاهه ۽ باهين جو پيغام ڏنو ويو. وزيراعظم چيو ته ڇا اهڙين حالتن ۾ فتنو فساد ۽ ڌرڻن جي ڪا گنجائش آهي. جڏهن ڊي چوڪ تي حملا ٿي رهيا هئا ته ان وقت سپريم ڪورٽ جي ڀتين تي ميرا ڪپڙا رکيا ويا هئا، قبرون کوٽيون ويون، ان وقت رات جي اونداهي ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو ويو اسان ان جا گواهه آهيون. اسان کي ملڪ کي معاشي طور تي اڳيان وٺي وڃڻو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عدليا عمران نيازي جي حق ۾ فيصلو ڏئي ته هي خوش ۽ نه ئي ته تنقيد ڪئي ويندي آهي. عمران نيازي عدليا ۽ ادارن کي کلي عام بدنام ڪيو، گاريون ڏنيون. هن شخص چيو هو ته فلاڻو چيف جسٽس منهنجو ڪيس ٻڌي ته تيار آهيان، جڏهن انهي چيف جسٽس ڪيس ٻڌو ۽ فيصلو ڏنو ته هن وري بغاوت شروع ڪري ڇڏي، گذريل 4 سالن دوران گارين کان علاوه ڪجهه به ناهي ٿيو. شهباز شريف زور ڏنو ته هن ايوان ۾ آصف زرداري، بلاول ڀٽو، اسعد محمود، مولانا فضل الرحمان، خالد مقبول، اختر مينگل کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اسان کي هن فتني جو علاج ڪرڻو آهي يا ملڪ کي تباهه ٿيندي ڏسڻو آهي. اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته تباهي طرف وڃڻو آهي يا ترقي طرف، منهنجو ملڪ ۽ عوام ڪيستائين هي سنگين مذاق کي ڀوڳيندا رهندا. ڪي پي ڪي جي پوليس ۽ وڏو وزير هٿياربند جٿن سان گڏ آيو، اهو ڪنهن به دنيا ۾ ناهي ٿيندو ته هڪ صوبي جو وڏو وزير هٿياربند جٿن سان وفاق مٿان حملو ڪري. وزيراعظم چيو ته اسان کي چونڊون ڪڏهن ڪرائڻيون آهن ان جو فيصلو ايوان ۽ اتحادي حڪومت ڪندي. هڪ سال ٻن مهينن جو اڃا به حڪومت جو وقت آهي. عمران خان سان ڳالهين جا دروازا کليل آهن ڪميٽي ٺاهي سگهان ٿو پر ڪنهن ڀل ۾ نه رهجو، اوهان اهو نه سمجهو ته اسان کي اوهان ڊڪٽيشن ڏيندو، اها ڊڪٽيشن پنهنجي گهر ۾ ڏيو، اسان اوهان جا غلام ناهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button