اسلام آبادپاڪستان

ممڪن آهي ته عمران خان کي غلط ٻڌايو ويو هجي:چيف جسٽس بنديال

اسلام آباد: چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته ڪالهه جيڪو ٿيو، ان سان عدالت جو سياسي جماعتن تان اعتماد ُٽٽي ويو. ڪالهه سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ خلاف حڪومت طرفان داخل توهين عدالت جي درخواست تي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ شنوائي ڪئي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اٽارني جنرل صاحب! سڀ کان اڳ ۾ توهان کي ٻڌڻ چاهيون ٿا، جنهن تي اشتر اوصاف سپريم ڪورٽ جو گذريل ڏينهن جو حڪم نامو پڙهي ٻڌايو. عدالت ۾ عمران خان جو گذريل ڏينهن وارو خطاب به هلايو ويو. چيف جسٽس چيو ته ممڪن آهي ته عمران خان کي غلط ٻڌايو ويو هجي. سپريم ڪورٽ کي آئيني حقن جو تحفظ ڪرڻو آهي. اسان جي علم ۾ آيو آهي ته هر هنڌ باهه لڳائي وئي، ڀڃ ڊاهه ۽ گهيرو ڪيو ويو. اسان کي اها به خبر آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن مسلسل شيلنگ ڪئي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته پاڪستان جي عوام کي آئين جي آرٽيڪل 15، 16 ۽ 17 تحت حق حاصل آهن. ايگزيڪيوٽو ڪي به غير آئيني گرفتاريون ۽ ريڊز نه ڪن، اهو نه وساريو ته ان ئي جماعت ڪيتريون ئي ريليون ڪيون آهن، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته پي ٽي آءِ جي انهن ريلين کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي هئي. چيف جسٽس چيو ته پي ٽي آءِ کي پاڪستان جي عوام طرفان پنهنجي ذميوارين کي سمجهڻ گهرجي. پي ٽي آءِ کي مثال بڻجڻ گهرجي ها، ائين هلندو رهيو ته صورتحال وڌيڪ بگڙجي ويندي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪُل ڪيترا ماڻهو زخمي ٿيا؟ جنهن تي اٽارني جنرل ٻڌايو ته 31 پوليس آفيسر زخمي ٿيا. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته هجوم گهڻو چارجڊ هو، عام ماڻهو به زخمي ٿيا هوندا، اهي ماڻهو بنا قيادت جي هئا. اسلام آباد ۾ گرين بيلٽس کي ڳوڙها آڻيندڙ گئس کان بچڻ لاءِ ساڙيو پئي ويو. صورتحال کي رڳو پي ٽي آءِ جي ليڊر شپ ئي ڪنٽرول ڪري پئي سگهي. چيف جسٽس چيو ته ڪالهه جيڪو ٿيو افسوسناڪ آهي، ڪالهه جيڪو ٿيو، ان سان عدالت جو سياسي جماعتن تان اعتماد ُٽٽو آهي. سپريم ڪورٽ حڪومت ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جي درخواستن کي اڪلائيندي چيو ته ڪيس جو اهڙو حڪم نامو جاري ڪنداسين، جيڪو مستقبل لاءِ مثال بڻجي. وفاقي حڪومت طرفان سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ چيو ويو هو ته عدالت جي حڪم باوجود عمران خان پنهنجي ڪارڪنن کي ڊي چوڪ موڪليو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button