پاڪستانسنڌ

ٿرڙي محبت لڳ ڳوٺ تي چڙهائي، تشدد، 2 ڄڻا کنڀي گم

ٿرڙي محبت: ٿرڙي محبت ڀرسان ڳوٺ شير محمد چانڊيو ۾ ميهڙ، راڌڻ ۽ ٿرڙي محبت جي پوليس اٽالن علي حسن چانڊيو ۽ علي گوهر چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائي ڪئي، عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪري پيرسن علي گوهر ۽ فراز چانڊيو کي کنڀي کڻي ويا، جنهن خلاف محبت چانڊيو، مظھر چانڍيو، غلام مصطفيٰ، صدام چانڍيو، ساگر چانڊيو، مظفر چانڊيو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته 8 موبائيلن ۾ سوار اهلڪارن بناجواز گهر تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪيو آهي، جنهن بعد پوليس ٻن ڄڻن کي کنڀي کڻي وئي آهي، جڏهن ته اهلڪار گهرن مان سونا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان به کڻي وئي آهي. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته پوليس گرفتار ٻن ڄڻن کي گم ڪري ڇڏيو آهي، اسان کي شڪ آهي ته پوليس جڙتو مقابلي ۾ ٻنهي ڄڻن کي نقصان پهچائيندي. هنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس جي اپيل ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button