پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ ٻارڙي سان زيادتي ڪندڙ جوابدار جي گرفتاري لا مظاهرو

ميرپورخاص: کاڻ ۾ 9 سالن جي ڇوڪري سان جنسي زيادتي ڪندڙ جوابدار جي گرفتاري لا وارثن پريس ڪلب ميرپورخاص آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي متاثر ڇوڪري جي پي دانهيندي چيو ته 20 مئي تي منهنجي 9 سالن جي ڌي کي جوابدار زيادتي جو نشانو بڻائي زخمي ڪيو، جنهن جو کاڻ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، پر پوليس جوابدار کي گرفتار نه ڪري رهي آهي، جوابدار ڪيس تان هٿ کڻائڻ لا ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن اختيارين کان گهر ڪئي ته جوابدار کي گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button