پاڪستانسنڌ

لمس ۽ سماجي تنظيم ۾ ملازمن جي ٻِارن کي تعليم ڏيڻ لا معاهدو

ڄامشورو: اسان جو مشن آهي ته ملڪ جي هر ھڪ ٻار کي سٺي تعليم سان نوازي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻايون. اهڙن خيالن جو اظهار گرين ڪريسنٽ ٽرسٽ جي اڳواڻ زاهد سعيد لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ گرين ڪريسنٽ ٽرسٽ جي گڏيل سهڪار سان لمس جي ملازمن جي ٻارڙن لاءِ لمس پبلڪ اسڪول جي افتتاح ۽ ٻنهي ادارن جي سربراهن پاران معاهدي تي صحيحن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسان جو ادارو هڪ غير منافع بخش ادارو آهي، جيڪو صرف اعليٰ معيار جي تعليم لاءِ ڪوششون ڪري ٿو ته جيئن مستقبل ۾ ملڪ کي سٺا ۽ بهترين ماڻهو فراهم ڪري سگهجن. ان موقعي تي لمس جي وائيس چانسلر پروفيسراڪرام الدين اڄڻ چيو ته اسڪول کي اپ گريڊ ڪري اعليٰ درجي تي آندو ويندو ته جيئن ھن مھانگائي جي دور ۾ اسان جا ملازم پنهنجي ٻارڙن کي بھترين اعليٰ تعليم ڏياري سگھن. ان موقعي تي لسوا اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button