ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران شاگرد اڳواڻن مير مزمل عباسي ۽ عادل عباسي کان پيپر وٺڻ کان انڪار ڪري ڪلاس مان ٻاهر ڪڍڻ خلاف شاگردن آرٽس فيڪلٽي اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو. ڌرڻي دوران انتظاميا خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي شاگردن مير مزمل عباسي ۽ عادل عباسي چيو ته اسان هميشه يونيورسٽي اندر شاگردن جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي، جنھن جي سزا ڏيندي انتظاميا ۽ يونيورسٽي جي استاد تنظيم سوٽا پاران اسان کي برداشت نه ڪندي پيپرن ۾ ويھڻ نه پيو ڏنو وڃي ۽ انھن جي چوڻ تي اسان کان پيپر نٿا ورتا وڃن. ھنن چيو ته آرٽس فيڪلٽي بلڊنگ جو انچارج سڪندر سومرو به شاگردن سان ناجائزيون ڪري رهيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close