اسلام آباد : پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي حقيقي آزادي لانگ مارچ سبب معاشي ماهرن موجب قومي معيشت کي لڳ ڀڳ هڪ ارب رپين جو نقصان پهتو آهي. لانگ مارچ سبب ٿيندڙ نقصان تي معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته ملڪي معيشت کي مجموعي طور تي هڪ ارب رپين جو نقصان پهتو آهي. جڏهن ته انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر 202 ڏهائي 50 رپيا ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ 203 رپين جو ٿي ويو آهي. جيتوڻيڪ مارچ جي پڄاڻيءَ ۽ ڌرڻي کانپوءِ شروع ٿيندڙ ملڪي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي برقرار رهي ۽ انڊيڪس 529 پوائنٽس وڌيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close