خيرپور جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه اچي سگهيو. گيسٽرو سبب 30 کان وڌيڪ ٻارن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. متاثر مريض ٻارن ۾ مريد، بصرا، زينب، عبدالرحمان، حسنا، زينت، بخت، تنوير، عاشق، نويد، ساجد ۽ ٻيا شامل آهن. گيسٽرو جي مريضن ۾ واڌ کانپو سرڪاري اسپتالن ۾ بسترن جي کوٽ ٿي وئي آهي، جنھنڪري ھڪ بيڊ تي 2 کان 3 ٻار داخل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته انتظاميا گيسٽرو تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي، ھڪ ھفتي اندر گيسٽرو ۾ مبتلا ٻارڙن جو انگ 150 ٿي ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close