سنڌ

خانپورمهر ۾ ڪارنهن الزام هڻي نوجوان تي وحشياڻو تشدد،ويڊيو وائرل

خانپورمهر ٿاڻي جي حد لوهي واري علائقي ۾ ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تان ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، 10 کان وڌيڪ ڏنڊا بردار ماڻهن ڳوٺ جيوڻ ڳڙهه واسي نوجوان عبدالمجيد مهر کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن جي وڊيو وائرل ٿي وئي، جنهن ۾ ڏنڊا بردار جوابدار نوجوان کي ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري گهلي رهيا آهن. تشدد جو شڪار نوجوان عبدالمجيد مهر هڪ شخص عبدالهادي مهر سان پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيو هو ته ڳوٺ پيارو لاشاري ڀرسان جوابدارن کيس روڪي ورتو ته نوجوان فرار ٿي ڀر واري ڳوٺ ۾ پناهه ورتي، جتي به جوابدار ڪاهه ڪري کيس تشدد ڪندي ٻاهر ڪڍي آيا. رڪارڊ ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته نوجوان رحم جي اپيل ڪري رهيو آهي. هوڏانهن علائقي واسين جي اطلاع باوجود پوليس نه پهتي. نوجوان جا وارث پهچڻ تي جوابدار فرار ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button