اسلام آبادپاڪستان

سينيٽ ۾ هنگامو،نيب ۽ اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل اتفاق راءِ سان منظور

اسلام آباد:سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران قانون واري وفاقي وزيرا اعظم نذير تارڙ نيب ترميمي بل پيش ڪيو. جڏهن ته مرتضيٰ جاويد عباسي اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل بل پيش ڪيو، جنهن کي ايوان اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو. اجلاس دوران سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سوال ڪيو ته چونڊن بابت ترميمي بل ڪميٽي حوالي ڪيان يا هاڻي ئي پاس ڪرڻو آهي، جنهن جي جواب ۾ وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته هي بل اهو ئي آهي جنهن کي سينيٽ جي ڪميٽي منظور ڪيو هو. سمنڊ پار پاڪستانين کان ووٽ جو حق واپس نه ورتو ويندو. اليڪشن ڪميشن کي چيو آهي ته سيڪريسي کي نظر ۾ رکندي ووٽ ڏيڻ واري حق کي يقيني بڻايو وڃي. سينيٽ اجلاس ۾ ٻنهي بلن جي منظوري دوران پي ٽي آئي جي ميمبرن سخت مخالفت ڪئي ۽ سينيٽ چيئرمين جي ڊائيس اڳيان احتجاج ڪندي امپورٽڊ حڪومت جا نعرا هنيا ۽ بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون. ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي شهزاد وسيم چيو ته اسان ڪنهن کي سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ جي حق تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين. اسان اي وي ايم تي سوديبازي نه ڪنداسين.ان تي اعظم نذير ٻڌايو ته شبلي فراز ۽ اعظم سواتي ان ڪاميٽي ۾ هئا، جتي اهو بل منظور ٿيو. جڏهن ته ايوان ۾ مخالف ڌر جي بينچن تان مهانگائي جي موجوده صورتحال تي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. سينيٽر زرقا خان ۽ اعجاز چوڌري “ظالمو جواب ڏيو، مهانگائي جو حساب ڏيو” جا نعرا هنيا. سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ڊاڪٽر شهزاد وسيم چيو آهي ته موجوده حڪومت ملڪ جي سڀ کان وڏي امپورٽيڊ شيءِ آهي. جيڪڏهن اها درآمد ٿيل حڪومت ختم ٿي وڃي ته پوءِ معيشت بحال ٿي ويندي. مخالف ڌر جي گوڙ ۽ هنگامي وچان چيئرمين سينيٽ اجلاس سومر جي شام 4 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button