سنڌ جي توانائي کاتي وارو وزير جي صدارت هيٺ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جو اجلاس توانائي کاتي جي آفيس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وزير توانائي کي سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي آفيسرن روس، يوڪرين جنگ جي سبب دنيا ۾ توانائي بحران ۽ پاڪستان ۾ معاشي صورتحال جي روشني ۾ توانائي جي متبادل ذريعن ۽ ٿرڪول تي انحصار جي موثر حڪمت عملي ٺاهڻ جي ضرورت کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي بريفنگ جي دوران ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ تيل ۽ گيس جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ايندڙ تقرين پنج سالن بعد درآمدي فيول تي مجبورن اعتماد ڪرڻو پوندو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته روس- يوڪرين تڪرار جي سبب خدشو آهي ته تيل ۽ گيس پيسا ڏئي نه ملي سگهيو. اجلاس ۾ چيو ويو ته هن صورتحال کان بچڻ لاءِ پيشگي منصوبه بندي ڪرڻي پوندي، جنهن لاءِ توانائي جي متبادل ذريعن يعني سولر ۽ هوا مان حاصل ٿيڻ واري توانائي ۽ خاص طور ٿر ڪوئلي جي عظيم ذخيرن کي بجلي ۽ گيس ۾ تبديل ڪرڻ جا وڏا منصوبا لڳائڻا هوندا. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته درآمدي ايل اين جي تي 34 روپيا في ڪلو واٽ لاڳت آئي آهي جڏهن ته درآمدي ڪوئلي تي 37 روپيا في ڪلو واٽ لاڳت ايندي آهي ۽ مقامي ذخيرن مان حاصل ٿيڻ واري ڪوئلي تي صرف 4 روپيا في ڪلو واٽ لاڳت آئي آهي، ڪوئلو اسان جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ سستو ۽ مفيد توانائي جو وسيلو آهي. ان موقعي تي وزير توانائي سنڌ امتياز احمد شيخ چيو ته ٿر ڪوئلي ذخيرن پاڪستان جي توانائي ضرورتن ۾ گيم چينجز جي حيثيت جي حامل آهن. هن چيو ته ڪوئلي کي توانائي ۾ تبديل ڪرڻ جي منصوبن ۾ ماحولياتي پهلو کي اوليت ۽ اهميت ڏني وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ٿرڪول مان توانائي جي منصوبن کي حاصل ڪرڻ سان گڏو گڏ توانائي جي شفاف ۽ ماحول دوست منصوبن سولر توانائي ۽ هوا مان بجلي حاصل ڪرڻ جي منصوبن تي پڻ تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close