پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ تحريڪ انصاف جا 12 ڪارڪن ضمانت تي آزاد

مٺي: مٺي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت گرفتار تحريڪ انصاف جي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري وڪيل لجپت سوراڻي، سندس ڀا پرشوتم سوراڻي، ڪامريڊ گومون ڀيل، سومار ڀيل ۽ چندر ڀيل سميت 12 ڪارڪنن جي 30-30 هزار رپين عيوض ضمانت منظور ڪري کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد اڳواڻن کي سب جيل مان آزاد ڪيو ويو. گرفتار اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي ڪيس جي پيروي ظھير الدين نهڙيو، عاشق بجير، قربان سميجو، مولابخش بجير ۽ جاويد بجير تي ٻڌل وڪيلن جي پئنل ڪئي. تحريڪ انصاف ڪارڪنن ۽ ڀيل برادري جي سوين ماڻهن جيل پھچي اڳواڻن تي گل نڇاور ڪري آجيان ڪئي ۽ دهلن تي رقص ڪري وڏي ريلي ڪڍي، کين وڏي ريلي ۾ سوراڻي هائوس آندو ويو، بعد ۾ ڪشمير چوڪ تي آزاد ٿيندڙ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي مان ۾ عوامي جلسو ڪيو ويو، ڪارڪنن ايس ايس پي ٿر ۽ پوليس گردي خلاف نعريبازي ڪئي ۽ ايس ايس پي کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو. ان موقعي تي وڪيل لجپت سوراڻي، ڪامريڊ گومون ڀيل ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسان پرامن سياسي ڪارڪن آھيون، ٿر پوليس گهرن ۾ داخل ٿي ڏوهارين جهڙو ورتا ڪيو ۽ انسانيت سوز تشدد ڪيو، اسان کي سياسي وفاداريون بدلائڻ لا نشانو بڻايو پيو وڃي. ٿر جا پ پ اڳواڻ خاص ڪري مهيش ملاڻي اسان جي پرامن سياست مان خوفزده آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button