اسلام آبادپاڪستان

اسلام آباد ۾ وڳوڙي جلسن جي داخل ٿيڻ تي مستقل پابندي جو فيصلو

اسلام آباد :گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ سياسي جماعت جي روپ ۾ پرتشدد جلسن جلوسن کي سختي سان روڪڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ ۽ اسلام آباد ۾ فتنو فساد، وڳوڙ ۽ شر ڦهلائيندڙ جلسن جلوسن جي داخل ٿيڻ تي مستقل پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته فسادي جٿا ۽ شرپسندن جي هٿان ملڪ کي يرغمال بڻجڻ جي ڪڏهن به اجازت نٿي ڏئي سگهجي. مستقبل ۾ ڪنهن به فسادي لانگ مارچ جلوس کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. گهرو وزير جي صدارت هيٺ پي ٽي آئي لانگ مارچ ۽ امن امان جو جائزو وارو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گهرو سيڪريٽري سميت آئي جي پوليس پنجاب ۽ آئي جي پوليس اسلام آباد، ضلعو راولپنڊي، سرگوڌا، فيصل آباد ۽ شيخوپورا جي آر پي اوز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پي ٽي آئي جي 25 مئي جي لانگ مارچ جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصانن جو تفصيل پيش ٿيو. پي ٽي آئي جي لانگ مارچ ۾ شامل شرپسندن جي پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملن جو تفصيل پيش ڪيو ويو. اجلاس ۾ پي ٽي آئي اڳواڻن جي گهرن ۽ گاڏين مان هٿ آيل هٿيارن جو تفصيل پيش ٿيو. اجلاس ۾ سياسي پارٽي جي روپ ۾ پرتشدد جلسي جلوسن کي سختي سان روڪڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اسلام آباد جي انتظاميا کي فسادي مارچ جو رستو روڪڻ لاءِ وڌيڪ اثرائتا قدم کڻڻ جون هدايتون ڏنيون ويون. رياست طرفان امن امان هٿ ۾ کڻندڙ شرپسندن جي خلاف زيرو ٽالرينس پاليسي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ جلسن جلوسن کي انتظاميا سان لکت معاهدن کانپوءِ اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. گهرو وزير چيو ته فسادي جٿن هٿان پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن تي تشدد جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. پوليس سپاهي ڪمال احمد جي شهادت جو واقعو دل ڏکائيندڙ آهي. هن چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جي ذميواري رياست جي آهي. رياستي ادارا امن امان کي هر صورت قائم رکن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button