ڪئمبرج: نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم شهيد محترما بينظير ڀٽو کي زبردست ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته 1989ع ۾ پاڪستاني جي اڳوڻي وزيراعظم جيڪو ڪجهه چيو هو اهو اڄ به حقيقت آهي. هارورڊ يونيورسٽي ۾ هڪ خطاب دوران نيوزيلينڊ جي وزيراعظم چيو ته تاريخ ۾ ڪو به بينظير ڀٽو جو ٻين شين ۾ مقابلو نٿو ڪري سگهي، هڪ اهو ته هو ڪنهن به اسلامي ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم هئي ۽ ٻيو اهو ته پنهنجي حڪومتي دور ۾ ماءُ بڻجندڙ پهرين عورت وزيراعظم به هئي. جيسنڊا آرڊرن چيو ته اٽڪل 30 ورهين کانپوءِ وزيراعظم طور مونکي به پنهنجي حڪومتي دور ۾ ماءُ بڻجڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، منهنجي نياڻي جي پيدائش 21 جون 2018ع تي ٿي، جيڪو بينظير جي سالگرهه جو ڏينهن پڻ آهي.
جيسنڊا آرڊرن چيو ته ماضي جون ڪجهه شيون اهڙيون هونديون آهن جيڪي سالن کانپوءِ به اوهان کي جوڙي رکن ٿيون، جيئن جون 1989ع ۾ پاڪستاني وزيراعظم بينظير ڀٽو به هن ئي هارورڊ يونيورسٽي ۾ بيهي “جمهوري قومن کي متحد ٿيڻو پوندو” جي عنوان تي تقرير ڪئي هئي. نيوزيلينڊ جي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ان وقت بينظير ڀٽو چيو هو ته اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته جمهوريت کي ڪمزور ڪري سگهجي ٿو، پاڪستاني وزيراعظم پنهنجي تقرير ۾ پنهنجي سياسي جدوجهد، عوام جي اهميت، نمائنده حڪومت، انساني حقن ۽ جمهوريت تي به ڳالهايو هو. جيسنڊا آرڊرن بينظير ڀٽو سان ملاقات کي ياد ڪندي چيو ته 2007ع ۾ بينظير ڀٽو سان جنيوا ۾ ملاقات ٿي ۽ اسان ٻنهي پروگريسو پارٽيز جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي پر افسوس 7 مهينن کانپوءِ کيس قتل ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته بينظير ڀٽو هڪ اهڙي ملڪ ۾ وزيراعظم بڻجي، جتي عورتون سياست ۾ گهٽ ئي اينديون آهن. هن چيو ته بينظير ڀٽو طرفان وزارت عظميٰ دوران ٻار کي جنم ڏيڻ کان 30 سال پوءِ هوءِ دنيا جي ٻي عورت وزيراعظم بڻجي آهي جنهن ٻارڙي کي جنم ڏنو آهي. نيوزيلينڊ جي وزيراعظم طرفان بينظير ڀٽو جون تعريفون ڪرڻ تي پيپلزپارٽي سندس تعريفي ٽوئيٽ ڪئي، جنهن کي پرڏيهي وزير ۽ بينظير ڀٽو جي پٽ بلاول ڀٽو به ري ٽوئيٽ ڪئي. بلاول ڀٽو والده جي واکاڻ ڪرڻ تي جيسنڊا آرڊرن جو ٿورو به مڃيو ۽ گڏوگڏ لکيو ته بينظير ڀٽو کي ماري سگهجي ٿو پر سندس ويزن کي ختم نٿو ڪري سگهجي.