اسلام آبادپاڪستان

مهانگائي جو ذميوار عمران،ڪن کولي ٻڌي حڪومت مدو پورو ڪندي:مريم اورنگزيب

اسلام آباد : سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب واضح ڪيو آهي ته عمران خان صاحب ڪن کولي ٻڌي ڇڏ، اليڪشن حڪومت جو آئيني مدو پورو ٿيڻ کانپو ئي ٿيندي. اليڪشن جي تاريخ جو اعلان اتحادي حڪومت ڪندي، اوهان پنهنجي گهر وڃي ويٺا. عمران خان تسليم ڪري ورتو ته هو تياري ڪري نه آيو هو. ان جي سموري تياري خوني مارچ، هٿيار ۽ ڏنڊا گڏ ڪرڻ تي هئي. جڏهن سپريم ڪورٽ جو حڪم آيو، ان وقت ڪائي رڪاوٽ نه هئي. اوهان آواز ڏيندا رهيا ماڻهو نه آيا. هن چيو ته خيبرپختونخوا حڪومت 35-35 لک رپيا لانگ مارچ جي وسيلن لاءِ ڏنا. عمران خان 35 هزار ماڻهو گڏ نه ڪري سگهيو، 4 سال ملڪ تي مڙهيل رهيو. عمران خان معيشت جو قتل ڪيو ۽ آئي ايم ايف جي معاهدي تي صحيحون ڪيون جنهن سبب پيٽرول مهانگو ٿيو. ڪالهه اسلام آباد ۾ ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان حيران ۽ پريشان ڪندڙ انڪشاف ڪيا. عمران خان جي ڪوڙي بيانئي تي سندس ورڪرز گمراهه آهن. عمران خان پنهنجي شڪست تسليم ڪري ورتي آهي ۽ هو شڪست تسليم ڪري واپس هليو ويو. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان خوني انقلاب جو اعلان ڪيو هو. هن چيو ته جنهن اوهان کي پريس ڪانفرنس جو مشورو ڏنو، ان وڏي زيادتي ڪئي. پريس ڪانفرنس جو مشورو ڏيندڙ عمران خان کي سٺو مشورو ناهي ڏنو. هن چيو ته عمران خان ٻڌائي ته ڪهڙي رڪاوٽ کيس روڪيو، عمران خان کي اهڙي حالت ۾ گوريون کائي سمهي پوڻ گهرجي. هن چيو ته قومي سلامتي ۽ چارٽر آف اڪانومي تي ويهڻ لاءِ تيار نه ٿيندڙ هاڻي ويهڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته جيڪو جلسو نه ڪري سگهيو اهو لانگ مارچ ڇا ڪندو. مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو آهي ته عمران صاحب مهانگائي جو ٻج ڇٽيو، قوم ان کي مهانگائي ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي جي شڪل ۾ لڻڻ تي مجبور آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته سخت شرطن تي جيڪي معاهدا ڪيا، ڪرپشن جا رڪارڊ بڻايا. هن چيو ته سبسڊي جو اعلان ته ڪري ويا پر قومي خزانو لٽي پاڻ سان گڏ کڻي ويا، ان ڏوهه جو جواب ڏيڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button