پاڪستانپنجاب

جيڪو انقلاب پوليس کي ڏسي ڀڄي وڃي ان کي ٻڏي مرڻ گهرجي: مريم نواز

لاهور: مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته جيڪو انقلاب پوليس کي ڏسي ڀڄي وڃي ان کي ٻڏي مرڻ گهرجي، 20 هزار ماڻهو به گڏ نه ڪرڻ تي عمران خان جي ذهني حالت رحم جوڳي آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز تحريڪ انصاف چيئرمين کي فتنو خان سڏيندي چيو ته عمران خان جون ڳالهيون شرمندگي ۽ ناڪامي جي اعتراف کانسواءِ ڪجهه ناهن، سندس 30 لک واري دعويٰ جي ابتڙ 20 هزار ماڻهو به گڏ نه ڪرڻ تي سندس ذهني حالت رحم جوڳي ٿي وئي آهي. مريم نواز جو چوڻ هو ته عوام عمران خان کي سڃاڻي رد ڪري ڇڏيو آهي. انقلاب پنهنجو رستو پاڻ ٻڌائيندو آهي، پوليس کي روڪڻ سان ناهي بيهندو، ۽ جيڪو انقلاب پوليس کي ڏسي ڀڃي وڃي ان کي ٻڏي مرڻ گهرجي، ڪٿي 30 لک جي دعويٰ ۽ ڪٿي 10 هزار تماشائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button