حيدرآباد(رپورٽ: راشد لغاري) ملڪ ۾ 25 مئي تي پي ٽي آ جي مبينا ناڪام مارچ تي چيئرمين عمران خان طرفان ناراض پارٽي اڳواڻن تي ناراض ٿيڻ کانپو حيدرآباد ڊويزن جي عهديدارن کي مارچ جي ڪاميابي لا هدايتون ملڻ شروع ٿي ويون آهن. ڌڙن ۾ ورهايل پارٽي عهديدارن ٻيهر پاور شور ڪامياب ڪرڻ لا ڊويزنل سطح تي پارٽي کي مضبوط ڪرڻ لا سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آهن. مليل ڄاڻ موجب 25 مئي تي مارچ شو کي ڪامياب نه ڪرڻ تي پارٽي چيئرمين عمران خان عهديدارن تي ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي، اڳواڻن کان پڇاڻو پڻ ڪيو ويو آهي.
جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن ۾ اڳ ۾ ڌڙن ۾ ورهايل اڳواڻ پارٽي کي مضبوط ڪرڻ لا وري گڏجڻ لا ميدان تي اچي ويا آهن، ان سلسلي ۾ ڊويزنل صدر خاوند بخش جهيجو، سيڪريٽري جنرل رٽائرڊ ڪمانڊر حاڪم خان ۽ ٻين طرفان هڪ ڏينهن ۾ 4 ضلعن بدين، ٺٽو، سجاول ۽ ٽنڊُو محمد خان ضلعن جا دورا ڪيا آهن، ذريعن موجب چيئرمين جي ناراضگي بعد اڳواڻن ضلعن جي عهديدارن ۽ باڊيز سان گڏجاڻيون ڪري پارٽي طرفان ٻيهر مارچ شروع ڪرڻ جي سلسلي ۾ آگاهي ڏني آهي. جڏهن ته مرڪزي پارٽي طرفان حيدرآباد ڊويزن جي عهديدارن کي ٻيهر مارچ شو جي ڪاميابي لا ميمبر سازي ۽ تنظيم کي فعال بڻائڻ لا خاص هدايتون مليون آهن. ان ڏس ۾ ضلعي سطح تي ورڪرز ڪنووينشن جو آغاز ڪري پي ٽي آ تنظيم کي مضبوط ڪيو ويندو. 144 لاڳو ٿيڻ کانپو اڳواڻن ڪنوينشن ڪوٺائڻ لا شادي هالن ڪو پڻ دورو ڪيو آهي.