پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ سماج سڌارڪ لالا عبدالحليم شيخ لاڏاڻو ڪري ويو

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) حيدرآباد ۾ انساني حقن جي لاءِ سرگرم رهندڙ ڪارڪن لالا عبدالحليم شيخ دل جو دورو پوڻ ڪري 62 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. لالا حليم شيخ کي ڪالهه منجهند ڌاري هيرآباد واري گهر ۾ اوچتو دل جو دورو پيو. جنهن کانپوءِ سندس گهرڀاتين کيس کڻائي سول اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي. لالا عبدالحليم شيخ جي جنازي نماز هيرآباد ۾ ادا ڪري سندس مڙهه کي پٺاڻ ڪالوني لڳ مقامي قبرستان ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو.

جنازي نماز ۾ انساني حقن جي تنظيم ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊيو، سليم جروار سميت سياسي سماجي ڌرين ۽ مٽن مائٽن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. لالا عبدالحليم شيخ ايڇ آر سي پي حيدرآباد جو سينيئر ميمبر هو ۽ هو انساني حقن جي حوالي سان تمام گهڻو سرگرم رهندو هو. ڏيڍ سال اڳ سندس گهرواري به لاڏاڻو ڪري وئي هئي، کيس ڪو به اولاد نه هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button