ٽنڊومحمدخان: ٽنڊومحمدخان جي ڳوٺ ايوب بروهي ۾ ذاتي ملڪيت واري زرعي زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪرڻ لاءِ سڳي چاچي ايوب بروهي پنهنجي ڀائيٽي 35 ورهين جي نوجوان انور بروهي تي هٿياربندن ذريعي قاتلانو حملو ڪرائي فائرنگ ۾ زخمي ڪرائي ڇڏيو، زخمي کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، واقعي خلاف ڳوٺاڻن ٽنڊو محمد خان جي پراڻي بس اسٽاپ حيدرآباد-سجاول روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو.
عبدالبصير، طارق، عزيز بروهي، عبدالسلام بروهي، ولي الله بروهي ۽ ٻين چيو ته اسان جي ابي ڏاڏي جي ذاتي ملڪيت واري زرعي زمين تي چاچو ايوب بروهي غيرقانوني طور قبضي جي ڪوشش لاءِ خونريزي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي پنهنجي ڀائيٽي نوجوان انور بروهي کي فائرنگ ۾ زخمي ڪرايو آهي، جنهن ۾ سندس ناٺي ڳوٺاڻن کي ڳوٺ خالي ڪري وڃڻ ۽ زرعي زمين سندن حوالي ڪرڻ لاءِ قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، علائقي ۾ خوف حراس ڇانيل آهي پر پوليس بااثر ماڻهن جي مداخلت جي ڪري ڪوبه قدم کڻي نه سگهي آهي، ڳوٺاڻن ٻڌايو ته پوليس نوجوان جي زخمي ٿيڻ بابت ايف آءِ آر داخل ڪري ڪابه ڪارروائي ڪري نه سگهي آهي.