پاڪستانسنڌ

تيل جون وڌايل قيمتون فوري طور واپس ورتيون وڃن: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي پيٽروليم جون وڌايل قيمتون رد ڪندي مطالبو ڪيو آھي ته تيل جون وڌايل قيمتون فوري طور واپس ورتيون وڃن. آ ايم ايف جون پاليسيون عوام دشمن آھن، ملڪ کي عالمي مالياتي ادارن وٽ گروي رکي ڪڏهن به ترقي نٿي ڪري سگهجي. اياز لطيف پليجي چيو ته ملڪ ۾ ڪڏهن به آزاد خودمختيار عوام دوست معاشي پاليسيون نه جوڙيون ويون آهن.

پيٽروليم جون قيمتون وڌڻ ڪري پاڪستان جو 22 ڪروڙ عوام بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي ويندو. آ ايم ايف جي حڪم تي ملڪ کي تباھه نه ڪيو وڃي، حڪمرانن کي پنھنجون معاشيون پاليسيون تبديل ڪرڻيون پونديون. حڪمرانن کي احساس ئي ناهي پيٽروليم جي شين جون قيمتون وڌڻ ڪري ملڪ ۾ ڪيتري بدترين صورت حال پيدا ٿي سگهي ٿي، نااهل حڪمرانن کي عوام جو ڪو فڪر نه آهي، مھانگائي وڌڻ ڪري پاڪستان جو عوام سخت پريشان ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button