حيدرآباد: سافڪو جي باني سليمان جي ابڙو چيو آهي ته اسان جي معاشري ۾ انصاف جي اوسيئڙي ۾ ماڻهن جون عمريون ڳري وڃن ٿيون، انصاف تائين رسائي جي نظام توڙي انصاف فراهم ڪندڙن ۽ عام ماڻهن جي رابطن ۽ اعتماد کي بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن ڪراچي جي هڪ مقامي هوٽل ۾ سافڪو جي سهڪار سان “آڪسفيم جِي بي” طرفان جاري ڪيل “ريفرل ڊائريڪٽري” جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
تقريب ۾ دانشورن، وڪيلن، تعليمي ماهر، صوبائي عملدارن ۽ انصاف فراهم ڪندڙ سينئر عهديدارن شرڪت ڪئي. سليمان جي ابڙو وڌيڪ چيو اسان جي معاشري ۾ انصاف تائين رسائي جو ايترو ته ڏکيو طريقيڪار آهي جو عام ماڻهن جون عمريون ڳري وڃن ٿيون، تڏهن وڃي انصاف پلئه ٿو پوي پر تيستائين ان جي افاديت ئي نٿي رهي. تقريب کي سافڪو جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر الطاف نظاماڻي، ايڊووڪيٽ علي پلهه، غلام مصطفيٰ سنگراسي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.