پاڪستانسنڌ

پاڻي کوٽ آبادگارن ۽ ھارين جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آھي: خاور شريف نظاماڻي

ماتلي: فنڪشنل مسلم ليگ ضلعي بدين جي صدر خاور شريف نظاماڻي چيو آھي ته بدين ۾ پاڻي جي کوٽ آبادگارن ۽ ھارين جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آھي، بدين جي واھن ۾ ڇھن مھينن کان پاڻي نه آيو آھي، ماڻھو ۽ مال اڃ مري رھيا آھن، ماڻھو لڏپلاڻ ڪري رھيا آھن، ڪالهه ميڊيا سان ڳالھائٔيندي ھن چيو ته خيرپورگمبوهه سب ڊويزن وارا علائٔقا ملڪاڻي ۽ پنگريو سميت سمن سرڪار، ٻڍو قمراڻي، امن آباد مڪمل تباھه ٿي ويا آھن، جر جو پاڻي کارو ٿي ويو آھي، آبادگار ديويون وڍي پيٽ پالڻ تي مجبور آھن.

ھن چيو ته ڦليلي ڪئنال جي واھن تي پاڻي جي کوٽ افراتفري مچائي ڇڏي آھي، ڦليلي کي صرف 6 مھينا پاڻي خريف جي سيزن لا ڏنو وڃي ٿو، جيڪو بـ اڃا تائٔين نه ملي سگھيو آھي، خريف جي سيزن جا ٻه مھينا گذري ويا آھن، واھن ۾ اڃا تائٔين پاڻي ناھي پھتو، جنهن ڪري ماڻھو جر جو کارو پاڻي واپرائي رھيا آھن. ھن چيو ته سمنڊ زمين ڳڙڪائي رھيو آھي پر حڪمران بدين جي پاڻي طرف ڪو ڌيان نه ڏئٔي رھيا آھن. جنھن سان ھتان جي ماڻھن جو معاشي قتل ٿي رھيو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button