پاڪستانسنڌ

ڳاڙهو ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ شاخن جي ليول مٿي ڪرڻ خلاف ڌرڻو

ڳاڙھو: ساحلي پٽيءَ جي شاخن ٻن دارسي ۽ مليرڙي جي پوچڙ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ شاخن جي ليول مٿي ڪرڻ خلاف آبادگارن اسلم سمون، شيش گهڻ، مقبول شاھه، حسيني بلوچ سميت سوين آبادگارن ۽ هارين ڳاڙھو با پاس تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي آبادگارن اڳواڻن چيو ته ٻن دارسي ۽ مليرڙي سميت ساحلي پٽيءَ جي شاخن جي آبپاشي کاتي هٿرادو ليول مٿي ڪري ڇڏي، جنهن سبب گذريل 4 سالن کان پوچڙ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب هزارين ايڪڙن زمين بنجر بڻجي چڪي آهي.

انسان ۽ جانور پيئڻ جي پاڻي لاءِ تڙپي رهيا آهن پر آبپاشي کاتي جا عملدار ڪوبه نوٽيس نٿا وٺن، جڏهن ته منڍ جي بااثرن ماڻهن جا غيرقانوني واٽرڪورس سرعام هلن پيا، ٻن ڪلاڪن جي ڌرڻي کانپوءِ پيپلزپارٽي تعلقه گهوڙاٻاري جي صدر محمد رمضان پنهور، پيپلزپارٽي اڳواڻ رئيس سڪندر علي لاشاري، ڊي ايس پي ڳاڙهو غلام سرور وسطڙو پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون، پيپلزپارٽي اڳواڻن آبادگارن کي يقين ڏياريو ته هڪ هفتي اندر سندن مطالبن تي عمل ڪرائي ايندڙ 36 ڪلاڪ اندر پوڇڙ ۾ پاڻي پهچايو ويندو، جنهن بعد آبادگارن احتجاج ختم ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button