پاڪستانسنڌ

حڪمرانن جي نااهلي سبب عوام مهانگائي کي ڀوڳي پيو: صنعان قريشي

حيدرآباد: جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، امجد خان مهيسر، ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ، مومن سمون، ديدار شام، ڏاڏو اطهر سومرو گڏيل پڌرائي ۾ چيو آهي ته وقت جي حڪمرانن جي نااهلي سبب ۽ ڪرپشن سبب سنڌ جو ماڻهو مهانگائي کي ڀوڳي رهيو آهي، سنڌ وسيلن سان مالا مال هوندي، بک، بدحالي، بيروزگاري مان گذري رهيو آهي، سنڌ جا سمورا وسيلا پنجاب جي قبضي ۾ آهن پر سنڌ جي واحد جياپي جي ذريعي سنڌو درياءَ تي به قبضو ڪيو ويو آهي.

پنجاب پنهنجي طاقت ۽ ڏاڍ جي بنياد تي پاڻي جا معاهدا جوڙيندو به پاڻ رهيو آهي ته وري ڀڃڪڙي به پاڻ ئي ڪندو رهيو آهي، هنن چيو ته پيپلزپارٽي جا وزير پاڻي جو ڪيس رکڻ لاءِ اهل ناهن هنن جي سياست سوديبازي واري آهي، هنن کي اقتدار گهرجي سنڌ جو پاڻي نه گهرجي، پاڻي واري وزير خورشيد شاھه جا بيان مذمت جوڳا آهن. هنن واضح ڪيو ته پنجاب سنڌو درياءَ جي پاڻي کي روڪڻ جو سلسلو بند نه ڪيو ويو ته پنجاب جا رستا بند ڪري ڇڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button