جاتي: جاتي لڳ مڙھو بولا خان ٿاڻي جي حد ڳوٺ عارف عباسي تي بااثر جوابدارن حملو ڪري 2 عورتن زاھدا زال يعقوب عباسي، رحمت ۽ سندس مڙس عرس عباسي کي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا آهن، ان سلسلي ۾ عارف عباسي جي ڳوٺاڻن محمد صديق عباسي، يونس عباسي، اسماعيل عباسي ۽ ٻين نامعلوم ھنڌ تان فون تي ڳالھائيندي چيو ته ڪجھه ڏينھن اڳ اوٺا برادري جي ڇوڪري ۽ زين العابدين عباسي گھران نڪتل آھن، جنھن جي پلاند ۾ اوٺا برادري جي ھٿياربندن اسان جي ڳوٺ تي حملو ڪري اسان جي ٻن عورتن زاھدا زال يعقوب عباسي، رحمت ۽ سندس مڙس عرس کي اغوا ڪري ويا آھن ۽ ڳوٺاڻن تي سخت تشدد ڪري گھرن مان سونا زيور، روڪ لکين روپيا ۽ 30 ڍور پڻ ڪاھي ويا آھن.
ھنن چيو ته بااثر ماڻھن جي خوف کان اسان پنھنجو ڳوٺ خالي ڪري محفوظ ھنڌ تي پناھه ورتي آھي، ھنن چيو ته اطلاع آھن ته اسان جي مڇي جي تلائن مان زبردستي مڇي پڻ ماري پئي وڃي، ھنن مطالبو ڪيو ته واقعي جو فوري نوٽيس وٺي اسان جون اغوا ڪيل عورتون ۽ مرد بازياب ڪرائي ڦريل سامان واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي ۽ تحفظ ڏنو وڃي. ھوڏانھن واقعي جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد مڙھو بولاخان پوليس ۽ جاتي پوليس واقعي واري ھنڌ رواني ٿي وئي، رابطي ڪرڻ تي پوليس ٿاڻو مڙھو بولاخان جي انچارج رجب کوسو ٻڌايو ته اسان کي ڳوٺ تي ڪاهه جو اطلاع مليو آھي، پوليس واقعي واري ھنڌ رواني ٿي چڪي آھي.