اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

يوريا ڀاڻ جي 50 ڪلوگرام واري ٻوري 389 رپيا سستي

اسلام آباد : وفاقي حڪومت يوريا ڀاڻ جي 50 ڪلوگرام واري ٻوري جي قيمت ۾ 389 رپيا گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي. يوريا ڀاڻ جي 50 ڪلوگرام ٻوري جي پرچون قيمت 1768 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ان قيمت ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت هارين کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کنيا آهن، اگهه فوري طور تي لاڳو ٿيندو. قيمت 7 جولاءِ 2022ع کان لاڳو ٿيندي، ان تي عملدرآمد لاءِ صوبائي حڪومتن ۽ اسلام آباد انتظاميا کي نوٽيفڪيشن موڪلي ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب حڪومت فرٽيلائزر سيڪٽر کي گئس تي سبسڊي فراهم ڪري رهي آهي. سبسڊي واري گيس تي ڀاڻ جي قيمتن ۾ واڌ سراسر ناانصافي آهي. سبسڊي جو رليف هارين کي منتقل ڪيو وڃي، نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button