سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ استاد هٿان مبينا تشدد جي شڪار شاگرد جو احتجاج

لاڙڪاڻي جي الھ آباد پاڙي جي رهواسي جي ايس ٽي استاد گورنمينٽ پرائمري اسڪول ديني مدرسه جي استاد هٿان مبينا تشدد جو شڪار بڻيل پٽ سان گڏجي انصاف لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي استاد سراج الحق ڪانڌڙو 11 ورهين جي پٽ محمد يونس ڪانڌڙو سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته پٽ محمد يونس ڪانڌڙو چوٿين ڪلاس جو شاگرد آهي، ڪلاس ٽيچر فياض سومرو اسڪول نه اچڻ واري ڳالھه تان سخت تشدد جو نشانو بڻايو آهي. هن چيو ته آئون به استاد آهيان پر اسان ڪڏهن ڪنهن شاگرد مٿان تشدد ناهي ڪيو. هن سنڌ حڪومت، تعليم کاتي، ضلعي انتظاميا کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي پٽ مٿان تشدد ڪندڙ استاد خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button