سنڌ

قمبر ۾ ڳوٺاڻن جو وياج خورن خلاف احتجاجي مظاهرو

قمبر ۾ وياج خورن خلاف مستوئي برادري پاران پريس ڪلب اڳيان نٽهڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي نادر علي مستوئي، فقير گلڻ مستوئي، ذوالفقار علي، جاويد علي، خدابخش مستوئي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته بااثر وياج خور وزير علي چانڊيو، طالب چانڊيو، صحبت چانڊيو ۽ ٻين گهر ۾ گهڙي تشدد ڪري گهرن ۾ گهڙي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو آهي. هنن چيو ته وياج جي ناسور اسان جا ڪيترائي گهر تباهه ڪيا آهن. بااثر وياج خور مالدار هجڻ ڪري کين پوليس به ڪجهه نه ٿي ڪري. هنن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وياج خورن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button