سنڌ

دوداپور ويجهو لعل شهباز شاخ جي پوڇڙي جي آبادگارن جو احتجاج

دوداپور ويجهو لعل شهباز شاخ جي پوڇڙي جي آبادگارن آبپاشي عملدارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي آبادگارن الاهي بخش دستي، خادم حسين، امام علي ۽ عبدالغفار دستي ۽ ٻين چيو ته لعل شهباز شاخ جي کاٽي هر سال بااثر آبادگارن جي زمينن تائين ڪئي ويندي آهي باقي شاخ جي پوڇڙي تائين کاٽي 10 سالن کان وٺي نٿي سگهي آهي. شاخ جي کاٽي پوڇڙي تائين نه ٿيڻ ڪري زمينون بنجر بڻجي رهيون آهن ۽ اسان فاقاڪشي واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهيون ۽ هن سال پاڻي جي شديد کوٽ ۽ شاخ جي کاٽي نه ٿيڻ ڪري ساريالو فصل جي آبادي نه ٿيندي سگهندي. هنن چيو ته لکين رپين جو زميندارن جا قرضائي ٿي ويا آهيون جيڪڏهن هن سال به آبادي نه ٿي سگهي ته خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿينداسين. هنن چيف انجنيئر گڊو بئراج ۽ آبپاشي وزير کان مطالبو ڪيو ته لعل شهباز شاخ ۽ ڪوٽڙي شاخ جي پوڇڙي تائين کاٽي ڪرائي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button