اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف غريب عوام کي پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ اضافي جي بار کان بچائڻ لاءِ 28 ارب رپين جي پئڪيج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ان پئڪيج تحت فوري طور تي پاڪستان جي هڪ ڪروڙ 40 لک غريب ڪٽنبن کي 2 هزار رپيا ماهوار ڏنا ويندا، اهو رليف ان کان علاوه آهي جيڪو بينظير ڀٽُو انڪم سپورٽ پروگرام جي صورت ۾ ڏنو پيو وڃي. قوم خطاب ڪندي وزيرعظم شهباز شريف قوم کي پنهنجي پهرين خطاب ۾ پاڪستان جي سڀ کان غريب گهراڻن لاءِ ٻه هزار رپيا ماهوار فوري رليف ڏيڻ جو اعلان ڪيو. شهباز شريف چيو ته اسان غريب عوام کي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافي جي بار کان بچائڻ لاءِ 28 ارب رپيا ماهوار فنڊ کان پئڪيج شروع ڪري رهيا آهيون جنهن تحت فوري طور تي هڪ ڪروڙ 40 لک سڀ کان غريب گهراڻن کي 2 هزار رپيا ماهوار ڏنا ويندا، اهو رليف ان کان علاوه آهي جيڪو بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ جي صورت ۾ پهريان ئي انهن خاندانن کي ڏنو پيو وڃي وزيراعظم ٻڌايو ته يوٽيلٽي اسٽورز کي چيو آهي ته سڄي پاڪستان ۾ اٽي جو 10 ڪلو وارو ٿيلهو 400 رپين ۾ ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close