اسلام آبادپاڪستان

سينيئر بدران جونيئر ججن جي مقرري جسٽس ثاقب ۽ جسٽس گلزار وڌي:جسٽس فائز

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس عمر عطا بنديال، چيئرمين جڊيشل ڪميشن ۽ ميمبرن کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽسز مان سپريم ڪورٽ جو جج مقرر نه ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. خط جي متن موجب هاءِ ڪورٽ چيف جسٽسز ۽ سينيئر ججز جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جي ڊگهي روايت رهي آهي پر سينيئرز کي نظرانداز ڪري جونيئر جج جي روايت جسٽس ثاقب نثار ۽ جسٽس گلزار متعارف ڪرائي. خط ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جو آئين ماڻهن کي جوڙي رکي ٿو، اهو ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي ته جڏهن به آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، ان جو نقصان ٿيو. اعليٰ عدليا جا جج آئين جي تحفظ ۽ دفاع جو حلف کڻندا آهن ۽ حلف جي اهم گهرج آهي ته آئيني بنيادي حقن جو تحفظ ٿئي ۽ انهن کي چٿي نه سگهجي. خط جي متن موجب اعليٰ عدليا ۾ ججز مقرري ڪندي ڏٺو وڃي ته اهو غيرآئيني قدم جي مزاحمت ۽ ڪالعدم قرار ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو. عدليا تي عوام جو اعتماد يقيني بڻائڻ هڪ لازم امر آهي ۽ عوامي اعتماد کانسواءِ عدالتي فيصلا پنهنجي ساک وڃائي ويهندا آهن. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خط ۾ اڳوڻي جسٽس نسيم حسن جو به حوالو ڏنو ۽ چيو ته جسٽس نسيم حسن جو ٽي وي تي غلطين جو اعتراف دير آيو درست آيو چئي سگهجي ٿو. ڇا جسٽس نسيم حسن جو اعتراف اڳوڻي وزيراعظم جي زندگي واپس آڻي سگهي ٿو؟ جسٽس نسيم حسن جي حڪمن تي اڳوڻي وزيراعظم کي موت جي سزا ڏني وئي. خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن کي جج بڻائڻو آهي ڪنهن کي نه، تاثر اهو آهي ته ائين پرڏيهي عملن جي ڪري ڪيو وڃي ٿو. عدليا ۾ مقررين بابت ان تاثر کي ختم ڪرڻ گهرجي، اعليٰ عدليا ۾ ججن جي مقرري جي عمل کي شفاف بڻائڻ جي ضرورت آهي. جسٽس فائز عيسيٰ خط ۾ قرار ڏنو آهي ته فرد واحد طرفان هڪ نالو ڏيڻ، مقرري لاءِ ووٽنگ تي مجبور ڪرڻ ۽ هڪ ووٽ سان جج بڻجي وڃڻ آئين موجب ناهي. عوام جو اهو تاثر ته عدليا آزاد ناهي، پنهنجو احترام ۽ اخلاقي جواز وڃائي ڇڏي ٿي. خط جي متن موجب آئين ججز مقرري جي حوالي سان پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس جي ڪارروائي کي ڳجهو رکڻ جو چوي ٿو. جوڊيشل ڪميشن جي ڪارروائي جي حوالي سان اهڙي ڪا پابندي ناهي. جسٽس فائز عيسيٰ خط ۾ وڌيڪ چيو ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ڪميشن جي پهرئين اجلاس جو تجربو سٺو هو. اجلاس ماضي جي اجلاسن کان بهتر هو ته اختلاف جو ٻج پوکڻ واري روايت کان وٿي ڪئي وئي. اميد آهي ته ايندڙ اجلاس ۾ به ججز مقرري جي حوالي سان پيدا ٿيل ڳڻتي کي ختم ڪندا. هن خط ۾ لکيو ته پاڪستان جي عوام ججز کي چونڊڻ جي آئيني ذميواري اسان کي ڏني آهي ۽ عدليا کي ججز مقرر ڪرڻ جي ذميواري آئين جي تحت ادا ڪرڻي پوندي. پاڪستان جي عوام کي ان کان گهٽ ڪجهه به قابلِ قبول ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button