شھدادپور: شھدادپور ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ نمبر 16 تي جنرل ڪائونسلر جي آزاد اميدوار ولي محمد خاصخيلي، لاکا اتحاد جي سربراهه سهيل اختر لاکو ۽ نوجوان وڪيل آغا افتخار ترين جي اڳواڻي ۾ وڏي انگ ۾ نوجوانن لطيف پارڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي لوڊشيڊنگ ۽ مهانگائي خلاف هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شھدادپور شهر ۽ آسپاس بجلي جي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب ڪاروبار ۽ زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي. روز 10 کان 12 ڪلاڪ تائين لوڊشيڊنگ ڪري گرمي وگهي شھري سخت پريشاني ۽ ذھني اذيت ۾ مبتلا آهن، مٿان وري سرڪار پيٽرول بم ڪيرائي 30 رپيا لٽر تي وڌائي عوام کان جيئڻ جو حق کسي رهي آهي، جنهن سان هٿرادو مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي. هنن حڪومت کان گهر ڪئي ته لوڊشيڊنگ ۽ مهانگائي تي ضابطو آندو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close