اسلام آبادپاڪستان

پاڪ ڀارت پاڻي تڪرار تي اڄ ڳالهيون ٿينديون،پنج رڪني وفد ڀارت روانو ٿي ويو

اسلام آباد : پاڪ ڀارت آبي تڪرارن تي ڳالهيون اڄ سومر تي نئين دهلي ۾ ٿينديون. ان ڏس ۾ انڊس واٽر ڪمشنر مهر علي شاهه جي سربراهي ۾ 5 رڪني وفد ڀارت روانو ٿي ويو. وفد ۾ ڊي جي موسميات کاتو، آبپاشي کاتو، نيسپاڪ ۽ پرڏيهي وزارت جا نمائندا شامل آهن. پاڻي تڪرار تي ٻه ڏينهن ڳالهيون اڄ کان نئين دهلي ۾ ٿينديون. مهر علي شاهه جو چوڻ آهي ته ڳالهين ۾ ڀارت مان ايندڙ دريائن ۾ ٻوڏ جي اڳواٽ اطلاع تي ڳالهه ٿيندي. انڊس واٽر ڪمشنر چيو ته اجلاس ۾ سالياني رپورٽ فائنل ڪئي ويندي. سنڌو درياهه تي ننڍا پراجيڪٽ آهن، پاڪستان کي چناب درياهه تي ڀارت جي ٽن وڌن پراجيڪٽس تي اعتراض آهي. انهن ۾ پاڪل دل ۽ ڪيرو هائڊرو پاور شامل آهن. مهر علي شاهه چيو ته مارچ ۾ پاڪ ڀارت انڊس واٽر ڪمشنر جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو هو. پاڪ ڀارت پاڻي ڳالهين جو 118هون اجلاس نئين دهلي ۾ ٿي رهيو آهي. وفد اجلاس ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيو آهي، جڏهن ته معائني لاءِ الڳ وزٽ ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button