ميرواہه گورچاڻي: سيراڻي شهر لڳ ڳوٺ غلام حسين پرهياڙ ۾ 25 مئي تي ناري لوڻا ٻائي ميگھواڙ زال انيل ڪمار ميگھواڙ پاران ڳچي ۾ رسو ٻڌي مبينا آپگهات ڪيو ويو هو، ميرواهه گورچاڻي ۾ ٻانڊي شاخ جي رھواسي ناري جي وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ناري جي والد ڏاڙھون ميگھواڙ، ڀا جيوڻ ڪمار، چاچو ملهار، مامي ڏاڙھون ميگھواڙ، ماسات چمن ميگھواڙ چيو ته اسان جي نياڻي کي سندس ور انيل ڪمار ميگهواڙ قتل ڪيو آهي، انيل لوڻا ٻائي تي تشدد ڪندو هو، جنهن جون نياڻي روئي ڪري شڪايتون به ڪيون هيون. اسان جي نياڻي کي قتل ڪري سهرن فون ڪري ٻڌايو ته نياڻي خودڪشي ڪئي آهي، هاڻ سيري پوليس به جوابدار ڌر سان ٻٽ بڻجي وئي آهي، اسان جو ڪيس داخل نٿي ڪري. هنن آئي جي سنڌ ۽ ٻين کان گهر ڪئي ته نياڻي جي قتل جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close