سنڌ

عمران خان اقتدار بچائڻ لا هر سياسي جماعت کي منٿون ڪيون:شرجيل انعام ميمڻ

سڌ سما ، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لا هر سياسي جماعت کي منٿون ڪيون آهن. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته عمران خان پي ٽي آءِ جي عمارت ڪوڙ، غلط بياني ۽ آسرن تي اڏي آهي. پي ٽي آءِ جي حڪومت جي زوال جو سبب عمران خان جي نا اهلي ۽ غرور هو. تمام جلد سندس سياسي زوال شروع ٿيڻ وارو آهي. سڌ سماءَ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪوڙ جا پير ناهن ٿيندا. غلط بياني، منافقت ۽ عوام سان ڪيل ڪوڙا وعدا عمران خان کي ايڪسپوز ڪري رهيا آهن. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان ماضي جي غلطين کان سکي ۽ پنهنجو سياسي قبلو درست ڪري. هن سياسي مخالفت کي دشمني ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪوڙ ، سياست ۾ گاريون ۽ بدتميزي جو رواج عمران خان وڌو آھي، ان کي روڪڻو پوندو. ڇو ته اقتدار جي لالچ عمران خان کي ذهني مريض ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button