ملير لڳ درساڻو ڇنو ۾ جهيڙي دوران مارجي ويل چئن ڄڻن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، سياسي سماجي اڳواڻن سميت سوين ماڻهن جي شرڪت، مقامي قبرستان ۾ تدفين، انتظاميا حيدري فقير ڌر جي ماڻهن جا گهر خالي ڪرائي کين محفوظ هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس جو ڳوٺ تي اڃا تائين گهيرو جاري آهي. تفصيل موجب هڪ ڏينهن اڳ ملير جي درساڻو ڇنو واري علائقي اسحاق جوکيو ڳوٺ ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙي دوران مارجي ويل چئن ڄڻن مان ٻن ڄڻن امتياز عرف باشاهه خان جوکيو پٽ انور حسين ،جبار جوکيو پٽ سچڏنو جوکيو جي جنازي نماز درساڻو ڇنو اسحاق جوکيو ڳوٺ جڏهن ته ابن احسن حيدري پٽ ولي محمد جي حيدري پاڙي ميمڻ ڳوٺ ۽ انور جوکيو پٽ قادر جي جنازي نماز کوکرا پار سکيا ڳوٺ ۾ ادا ڪئي وئي ، جنازي نماز ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ساجد جوکيو، يوسف مرتضيٰ بلوچ، خدا ڏنو شاهه، يعقوب خاصخيلي، الاهي بخش بڪڪ سميت سوين ماڻھن شرڪت ڪئي، مقتول جي تدفين مقامي قبرستانن ۾ ڪئي وئي. ٻئي طرف انتظاميا حيدري ڌر جي ماڻهن کي گهر خالي ڪرائي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پوليس پاران متاثر ڳوٺ تي ڪڙو چاڙهي گرفتار ڪيل 15 ڄڻا ٿاڻي تي واڙيل آهن، جن کان پوليس پاران پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف پوليس جو اڃا تائين ڄاڻايل ڳوٺ تي گهيرو جاري آهي. ھوڏانھن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ جهيڙيندڙ ڌرين ھڪ ٻئي تي حملي ۾ اڳرائي ڪرڻ جا الزام هڻندي فائرنگ ڪري ماڻهو مارڻ ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
ملير/تدفين