سنڌ

نيازي رجيڪٽيڊ ٿيو،ان ۾ ملڪ جون ڪهڙو ڏوهه:ناصر شاهه

سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاھھ چيو آھي تھ عمران خان سليڪٽڊ ھو ۽ پنهنجي ڪرتوتن ڪري رجيڪٽڊ ٿيو، ان ۾ ھن ملڪ جو ڪھڙو قصور آھي. ھن وڌيڪ چيو تھ اسلام آباد نھ سومناٿ آھي نھ ئي عمران نيازي محمود غزنوي، جيڪو ڏھاڙي حملا ڪندو. سيد ناصر حسين شاھھ چيو آھي تھ پي ٽي آءِ واري مارچ ۾ شاھھ محمود قريشي، عمران اسماعيل ۽ فواد چوڌريءَ عمران نيازيءَ کي بيوقوف بڻايو، ڪنھن بھ نھ ڏٺو تھ انھن جو ڪو ملتان، ڪراچي يا جھلم مان قافلو نڪتو آھي. ھن وڌيڪ چيو تھ نيازيءَ ملڪي سياست کي ايترو زھريلو ڪيو آھي، جو ان کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ دانشورن کي اڳتي اچڻ گھرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button