اسلام آباد: پرڏيهي آفيس پاڪستان جي ڪنهن به وفد جي اسرائيل جي دوري جي ترديد ڪئي آهي. ڪالهه هڪ بيان ۾ پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان جي ڪنهن به وفد پاران اسرائيل دوري جو تصور واضح طور رد ڪريون ٿا. بحث هيٺ آيل دوري جو اهتمام پرڏيهي اين جي او ڪيو هو جيڪا پاڪستان ۾ ناهي. پرڏيهي ترجمان جو چوڻ آهي ته فلسطين مسئلي تي پاڪستان جو موقف چٽو آهي. پاڪستان فلسطيني عوام جي حق جي مستقل حمايت ڪريون ٿا. ترجمان جو چوڻ آهي ته خطي ۾ جٽادار امن لاءِ آزاد، قابل عمل فلسطيني رياست اڻٽر آهي. اسان جي پاليسي ۾ اهڙي ڪا تبديلي ناهي آئي جنهن تي مڪمل قومي اتفاق راءِ هجي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close