پاڪستان

قرضن جو ايترو بار آهي جو شايد اسان جا نسل به لاهي نه سگهن: وزيراعظم

مانسهرا: وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته قرضن جو ايترو بار آهي جو شايد اسان جا نسل به اهي قرض لاهي نه سگهن پر اسان کي الله تعاليٰ تي ڀروسو آهي، اسان نواز شريف جي قيادت ۾ ڏينهن رات محنت ڪنداسين، آخري ڀيرو ڪي پي جي وڏي وزير کي درخواست ڪري رهيو آهيان ته اٽو سستو ڪريو، موقعو مليو ته نواز شريف جي قيادت ۾ خيبرپختونخوا کي پنجاب بڻائي ڇڏيندس. مانسهرا ۾ عام جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته ڪي پي حڪومت اٽو سستو ڪرڻ تي جواب ناهي ڏنو، 24 ڪلاڪن ۾ وڏو وزير جواب ڏي، جواب نه آيو ته ڪپڙا وڪڻي سستو اٽو ڏيندس، فيصلو ڪرڻو پوندو ته تعمير ڪندڙ نواز شريف آهي يا عمران خان، نواز شريف جي قيادت ۾ رت ۽ پگھر وهائينداسين، قوم جي خدمت ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button