سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ اخباري فوٽوگرافر شهيد منير سانگي جي ورسي تقريب

لاڙڪاڻي اخبار جي فوٽو گرافر شهيد منير سانگي جي 17 هين ورسي سادگيءَ سان ملهائي وئي. ان ڏس ۾ شهيد منير سانگي جي وارثن قرآن خواني ڪري ايثال ثواب لاءِ دعا گهرڻ کانپوءِ خيرات جي ماني ورهائي. ٻئي طرف لاڙڪاڻي جي صحافين، ڪئمرامينن ۽ فوٽوگرافرن ذيشان کوکر، مومن ڪنگو، ڪامران سانگي، نويد سومرو، جاويد جهجهوٽو، مدثر لاشاري، عابد بروهي ۽ ٻين شهر جي دودائي قبرستان پهچي شهيد منير سانگي جي آخري آرامگاهه تي حاضري ڀري گل نڇاور ڪيا ۽ فاتح خواني ڪري دعا گهري. ان موقعي تي هنن چيو ته شهيد منير سانگي 29 مئي 2006ع ۾ لاڙڪاڻي ويجهو بقاپور ڳوٺ ۾ انڙا_ابڙا ڌرين ۾ هلندڙ جهيڙي دوران پنهنجا صحافتي فرض سرانجام ڏيندي گولي لڳڻ سبب شهادت ماڻي، هو بهادر صحافي ۽ پنهنجي پيشي سان تمام گهڻو محبت ڪندڙ انسان هئو، جيڪو جهرجهنگ ۾ وڃي ڪوريج ڪري مظلوم طبقن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچائيندو هو، سندس وڇوڙي سبب پيدا ٿيل خال ڀرجي نه ٿو سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button